پروفيسراسرار احمد علوي

پروفيسراسرار احمد علوي

اسرار احمد علوي پروفيسر

اسرار احمد علوي پروفيسر: شاعر، عالم، محقق ۽ لطيف جو پارکو پروفيسر اسرار احمد علوي 11 آگسٽ 1944ع تي علوي محلي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم. اي (معاشيات، ڪراچي يونيورسٽيءَ) ۽ ايم اي (سنڌي، گورنمينٽ اسلاميه آرٽس ائنڊ ڪامرس ڪاليج سکر) آهي. 1976ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊياري ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ 2004ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. پي. ٽي. وي جي مذهبي پروگرام ’صراط المستقيم‘ ۾ ڪيترائي ڀيرا مھمان ۽ مقرر جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي. سندس ٻه ڪتاب ”سيرت هاشمي بذل القول في حوادث سني النبوة“ ۽ ”مغازي رسول صلي الله عليه وآلھ وسلم“ شايع ٿيل آهن. پروفيسر اسرار احمد علوي روزي جي حالت ۾ 4 رمضان المبارڪ 1442هه/ 17 اپريل 2021ع تي شڪارپور ۾ وفات ڪئي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.08.11  عيسوي

شاعر، عالم، محقق ۽ لطيف جو پارکو پروفيسر اسرار احمد علوي 11 آگسٽ 1944ع تي علوي محلي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسد بيگ اسد مرزا
جواد جعفري
داغ ٽکڙائي
بخشڻ شاهه
غلام علي مداح ٺٽوي
سوامي سترامداس سڪايل
سليمان ڪورائي فقير
پنهور مير حاجن مير
امداد حسيني
خليفو محمود نظاماڻي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون